سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر جنرل(ر) پرويز مشرف جي موت جي سزا بحال ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر جنرل(ر) پرويز مشرف بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي سندس موت جي سزا بحال ڪري ڇڏي. خصوصي عدالت طرفان پرويز مشرف جي موت واي سزا جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ صحيح قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي پشاور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس سيڻهه وقار جي سربراهي ۾ خصوصي عدالت آئين جي ڀڃڪڙي واري ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي هئي

جنهن وقت پرويز مشرف کي  سز ٻڌائي وئي اهو ان وقت ملڪ ۾ نه هو پر علاج جي حوالي سان متحده عرب امارات ۾ هو جتي هو 5 فيبروري 2023ع تي فوت ٿي ويو هو

خصوصي عدالت جي اهڙي فيصلي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ 3 رڪني بينچ آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ خصوصي بينچ جي جوڙجڪ کي غير آئيني قرار ڏنو هو. ان 3 رڪني بينچ جو جسٽس مظاهر اڪبر نقوي به حصو جنهن کان پوءِ کيس سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو هو.

پاڪستان بار ڪائونسل لاهور هاءِ ڪورٽ جي اهڙي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي جنهن جي ٻڌڻي به اڄ پرويز مشرف جي اپيل سان گڏ ٿي هئي.

عدالت پرويز مشرف جي اپيل پيروي نه ڪرڻ جي آڌار تي غير موثر قرار ڏني. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ان موقعي تي چيو ته اڳوڻو صدر پرويز مشرف لاڏاڻو ڪري ويو آهي. عدالت چيو ته پرويز مشرف جي گهر ڀاتين مان ڪوبه پيروي ڪرڻ لاءِ سامهون نه آيو آهي.

سپريم ڪورٽ چيو ته ڪوشش جي باوجود پرويز مشرف جي قانوني وارثن سان رابطو نه ٿي سگهيو آهي. پرويز مشرف طرفان اها اپيل 16 جنوي 2020ع تي داخل ڪئي وئي هئي.

سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جو غداري  جو ڪيس ٻڌندڙ خصوصي عدالت کي ختم ڪرڻ جو فيصلو به ڪالعدم قرار ڏنو.  سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب عدالتي ڪارروائي جي باري ۾ پرويز مشرف جي وارثن کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ سندس ملڪي ۽ پرڏيهي رهائشي هنڌن تي نوٽيس اماڻيا ويا، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ اشتهار ڏنا ويا.

سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو ته عدالت جي سامهون 2 سوال هئا  سوال پهريون: ڇا مرحوم جي فوت ٿيڻ کان پوءِ اپيل ٻڌي سگهجي ٿي؟ سوال ٻيون: جيڪڏهن موت جي سزا برقرار رهي ٿي ته ڇا مشرف جا قانوني وارث مرحوم کي ملندڙ مراعتن جا حقدار آهن.  فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪيترائي ڀيرا ڪوششن جي باوجود به مشرف جي وارثن سان رابطو نه ٿي سگهيو اسان وٽ ڪوبه آپشن نه آهي سواءِ ان جي ته موت جي سزا برقرار رکون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔