بچاءَ وزارت جي سيڪريٽري رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان ٽنهي سروسز چيفس کي خط لکيو ويو آهي
2017ع جي فيض آباد ڌرڻي ۾ لاڳاپيل آفيسرز جي ڪردار جو جائزو وٺي ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي
ذريعن موجب آرمي، نيول ۽ ايئر چيف کي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ خط لکيا ويا
بچاءَ وزارت جي سيڪريٽري فيض آباد ڌرڻو ڪميشن ڏانهن لکت ۾ بيان اُماڻي ڇڏيو، فيض آباد ڌرڻو ڪميشن آڏو اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ فواد حسن فواد سوڌو ڪيترائي آفيسرز پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائي چڪا