ڪوئٽه ۾ زلزلي جا لوڏا، ماڻهن ۾ خوف حراس پکڙجي ويو

ڪوئٽه: ڪوئٽه ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن کان پوءِ ماڻهن ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي.

زلزلي جي پيما مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 4.6 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جي اونهائي 98 ڪلو ميٽر ۽ سندس مرڪز ڪوهه هندوڪش افغانستان هو.

زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيڻ تي ماڻهن ۾ خوف حراس پکڙجي ويو جنهن کان پوءِ اتان جا رهواسي ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. زلزلي سبب فوري طور تي ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان جي اطلاع نه  ملي سگهي آهي.

امداد ٽيمون صورتحال جو جائزو وٺي رهيون آهن اڃان تائين خوشقسمتي سان ڪنهن به قسم جي جاني يا مالي نقصان جي اطلاع نه ملي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔