8 فيبروريءَ تي رٿيل چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت سينيٽ مان منظور ٿيل ٺهراءَ جو نوٽيفڪيشن جاري

8 فئبروريءَ تي رٿيل چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت سينيٽ مان منظور ٿيل ٺهراءَ جو نوٽيفڪيشن جاري، اليڪشن ڪميشن کي چونڊ شيڊول فوري طور تبديل ڪرڻ جي هدايت، سينيٽ سيڪريٽريٽ  اليڪشن ملتوي  ڪرڻ بابت  ٺهراءَ جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، سينيٽ مان منظور ٿيل ٺهراءَ جي ڪاپي صدر، نگران وزيراعظم، اليڪشن ڪميشن، قانون ۽ انصاف واري وزارت سميت ٻين کاتن کي موڪلي وئي، سينيٽ سيڪريٽريٽ پارلياماني معاملن واري وزارت کي فوري ڪارروائي ڪري ٻن مهينن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي اليڪشن ڪميشن کي چيو آهي ته ملڪي صورتحال کي  نظر ۾ رکندي اليڪشن شيڊول کي فوري طور تبديل ڪري، گذريل ڏينهن سينيٽ  ملڪ ۾ 8 فئبروري تي ٿيندڙ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔