اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪِم جونگ ڌيءَ کي پنهنجو جانشين مقررڪري ڇڏيو

پيانگ يانگ: اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪِم جونگ اُن ڌيءَ کي پنهنجو جانشين مقرر ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي اداري اتر ڪوريا جي انٽيليجنس ايجنسي جو حوالو ڏيندي اها دعويٰ ڪئي آهي ته اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪِم جونگ اُن جي نوجوان ڌيءَ جيڪا پنهنجي پيءُ سان گڏ اڪثر عوامي هنڌن تي نظر ايندي آهي امڪاني طور تي سندس جانشين آهي.
رپورٽ ۾ ڪِم جونگ ان جي ڌيءَ جي سڃاڻپ ڪِم جو اي ٻڌائي وئي آهي پر ڪي ذاتي تفصيل مثال طور سندس نالو ۽ عمر وغيرا نه ٻڌائي وئي آهي.
اتر ڪوريا جي سرڪاري ميڊيا موجب ڪم جو اي، ڪِم جونگ اُن جي سڀ کان لاڏلي ڌيءَ آهي، ان ڪري اتر ڪوريا جا فوج جرنل ۽ ٻيا اعليٰ عهديدار هن جي آڏو گوڏا کوڙيل نظر ايندا آهن.
اهڙي قسم جي منظرن ميڊيا ۾ انهن اڳڪٿين کي جنم ڏنو آهي ته ڪِم جونگ او پنهنجي ان لاڏلي ڌيءَ کي پنهنجو جانشين بڻائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔