آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ، پاڪ-ڀارت مقابلي جي تاريخ سامهون اچي وئي

دبئي : هلندر سال جون رٿيل آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ جو شروعاتي شيڊيول تيار ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، هر آءِ سي سي ايونٽ جيان هن ڀيري به پاڪستان ۽ ڀارت کي هڪ ئي گروپ ۾ رکيو ويو آهي.

ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ چار چون کان ٽيهه جون تائين آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ کيڏيو ويندو .

آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ويهه ٽيمون حصو وٺنديون جن کي چئن گروپن ۾ ورهايو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان، ڀارت آئرلينڊ، ڪئناڊا ۽ ميزبان آمريڪا  هڪ ئي گروپ ۾ شامل هونديون، انڪري پهرين رائونڊ ۾ گروپ ۾ گهڻي قدر ميچون آمريڪا ۾ ٿينديون.

ذريعن موجب، پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ڇهه جون تي ڊيليس ۾ آمريڪا خلاف کيڏندي، نوَ جون تي نيويارڪ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ جي تجويز آهي جڏهن ته يارنهن جون تي پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي ميچ نيويارڪ ۾ ئي ٿيندي، 16 جون تي پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ميچ فلوريڊا ۾ شيڊيولڊ آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ ڀارت ميچ جو وقت ۽ ننڍي کنڊ جي ٽائم زون جي فرق جي بنياد تي ميچ هڪ ڏينهن اڳ ڪرائڻ جو آپشن به موجود آهي.

پهرين رائونڊ ۾ شامل هر چئن گروپن مان ٻه ٽاپ ٽيمون سپر ايٽ رائونڊ ۾ ڪواليفائي ڪنديون، جتي کين ٻن گروپن ۾ ورهايو ويندو.

ذريعن موجب، آءِ سي سي فيڊ بيڪ ۽ منظور لاءِ اِهو شيڊيول بورڊز ۽ براڊ ڪاسٽرز ڏانهن موڪليو ويو آهي ۽ جلد حتمي شيڊيول جاري ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔