شاهه رخ خان هڪ سال ۾ رڪارڊ ڪمائي ڪري ورتي

ڪراچي: بالي ووڊ ڪنگ خان جو لقب ماڻيندڙ اداڪارا شاهه رخ خان انوکو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.

رپورٽ موجب 2023ع شاهه رخ خان لاءِ ڪامياب ترين سال رهيو جنهن ۾ هن سال جي شروعات کان ئي هڪ ٻئي جي پٺيان بلاڪ بسٽر فلمون ڪيون.

ميڊيا رپورٽس موجب ڪنگ خان جنوري ۾ فلم پٺان سان نه رڳو ماڻهن جون دليون کٽيون پر سٺو بزنس به ڪيو ان کان پوءِ فلم جوان به مداحن کي گھڻي پسند آئي.

شاهه رخ خان سال 2023ع جي پڄاڻي هدايتڪار راج ڪمار هيراڻي جي فلم ڊنڪي سان ٿي جنهن وڏي پردي سٺي موٽ ماني، ٽنهي فلمن گڏجي هڪ سال ۾ 2 هزار 500 ڊالرز جو ڪاروبارو ڪيو.

ميڊيا رپورٽس موجب ٽريڊ اينالسٽ رميش بالا ٻڌايو ته بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان هڪ سال ۾ 2500 ڪروڙ رپيا ڪمائيندڙ پهريون ڀارتي اداڪار بڻجي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔