ڌرڻو ڪميشن: حڪومتي هدايتن تي تحريڪ لبيڪ سان ڳالهيون ڪيون، فيض حميد بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد: ليفٽيننٽ جنرل(ر) فيض حميد فيض آباد ڌرڻي ڪميشن کي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد ڪميشن طرفان ڏنل سوالن جا جواب ڏنا. ذريعن ٻڌايو آهي ته فيض حميد جواب ۾ چيو ته 2017 ۾ لڳل ڌرڻي ۾ ان وقت جي حڪومت جي هدايت تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهيون ڪيون هيون

ذريعن موجب فيض حميد پنهنجي جواب  ۾ ٻڌايو ته 2017 ۾ ان وقت جي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ گهرو وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ ڪابينه جو هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ انٽيليجنس جي سربراهه نويد مختار ۽ ملٽري قيادت به شريڪ هئي. اهڙن سمورن ماڻهن جي گڏيل هدايتن تي ٽي ايل پي سان ڳالهيون ڪيون هيون.

ذريعن موجب فيض حميد حڪومت جي خلاف سازش ڪرڻ جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته فيض آباد ڌرڻو ڪميشن ڊاڪٽر اختر علي شاهه جي سربراهي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ڪميشن ۾ اڳوڻو آءِ جي طاهر عالم ۽ خوشحال خان به موجود آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔