پرويز الاهي جي اڊيالا جيل ۾ طبيعت خراب، اسپتال منتقل

راولپنڊي: پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي صدر ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي اڊيالا جيل ۾ طبيعت خراب ٿي وئي آهي.

جيل ذريعن موجب چوڌري پرويز الاهي کي طبيعت خراب ٿيڻ تي اڊيالا جيل کان راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي منتقل ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب پرويز الاهي کي دل ۾ تڪليف ۽ سيني ۾ انفيڪشن جي شڪايت هئي. پرويز الاهي جو طبي معائنو جيل اسپتال ۾ ڪيو ويو جنهن کان پوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ياد رهي ته ان کان اڳ به چوڌري پرويز الاهي کي طبيعت خراب ٿيڻ تي جيل کان اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔