ملڪ ۾ سون سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ سوين رپيا گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 1300 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 20 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 1115 رپيا گهٽتائي بعد هڪ لک 88 هزار 614 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 12 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2 هزار 62 ڊالرز آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔