سڊني ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن: پاڪستاني ٽيم 313 رنسون ٺاهي آل آئوٽ

سڊني:سڊني ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ آسٽريليا جي خلاف پاڪستاني ٽيم 313 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي جڏهن ته آسٽريليا جي ٽيم صرف هڪ اوور ئي بيٽنگ ڪري سگهي.

سڊني ۾ کيڏيل سيريز جي ٽئين ميچ جي پهرين اننگز ۾ پاڪستاني ٽيم جي بيٽنگ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر ناڪام ثابت ٿي. ڊيبيو ڪندڙ نوجوان بيٽسمين صائم ايوب ۽ عبدالله شفيق ٻُڙي تي آئوٽ ٿي ويا.

مڊل آرڊر بيٽسمين بابر اعظم 26 ۽ سعود شڪيل 5 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو جڏهن ته ڪپتان شان مسعود 35 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

ڇهين وڪيٽ جي ڀائيواري ۾ محمد رضوان ۽ سلمان علي آغا ٽيم جو اسڪور وڌايو. پر 190 جي رنسن تي رضوان 88 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿي ويو. سلمان آغا 53، ساجد خان 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.

نائين وڪيٽ جي ڀائيواري ۾ عامر جمال ۽ مير حمزه 86 رنسن جي پارٽنر شپ قائم ڪئي ۽ پاڪستان جو اسڪور 313 رنسن تائين پهچايو. عامر جمال 4 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 82 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي پر اهو به نتهين لائن جو شڪار بڻجي آئوٽ ٿي ويو.

آسٽريليا طرفان پيٽ ڪمنز 4، مچل اسٽارڪ 2، جڏهن ته جوش بيزل ووڊ، نتهين لائن ۽ مچل مارشل هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستاني ٽيم ۾ امام الحق کي ڊراپ ڪيو ويو آهي جڏهن ته فاست بالر شاهين آفريدي کي آرام ڏيڻ جي حوالي سان ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو. انهن ٻنهي جي متبادل طور تي نوجوان رانديگرن صائم ايوب ۽ ساجد خان کي شامل ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ميزبان ٽيم کي 2-0 جي فيصله ڪن برتري حاصل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔