سردارن، نوابن کي ڇڏي غلامي مان ٻاهر نڪرو، پاڪستان جو آئين هلايو يا پوءِ سرداري نظام: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ ليول پليئنگ فيلڊ بابت پي ٽي آءِ جي توهين عدالت تي درخواست تي ٻڌڻي جاري آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت بلالي بينچ ۾ شامل آهن.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سوال ڪيو ته شعيب شاهين ڪٿي آهي؟ روسٽرم تي اچي، شعيب شاهين صاحب اوهان درخواست داخل ڪئي، دليل ته ڏيو؟ شعيب شاهين چيو ته لطيف کوسو سينئر وڪيل آهي، مان ان کان دليلن جي درخواست ڪئي آهي. مان لطيف کوسي سان گڏ بيٺل آهيان.

چيف جسٽس لطيف کوسه جي نالي سان گڏ سردار لکڻ تي ڪاوڙ جو  اظهار ڪندي چيو ته هي سردار، نواب ۽ پير جهڙا لفظ لکڻ بند ڪريو. 1976ع کان پوءِ سرداري نظام ختم ٿي چڪو آهي يا ته پاڪستان جو آئين هلايو يا پوءِ سرداري نظام،  پاڪستان جي آئين سان هاڻ مذاق ڪرڻ بند ڪريو. اوهان جي ئي حڪومت سرداري نظام ختم ڪرڻ جو قانون ٺاهيو، هاڻ ته اوهان جي پٽ به سردار ٿي ويا آهن. چيف جسٽس جي ريمارڪس تي لطيف کوسي چيو ته منهنجي سڃاڻپ ڪارڊ تي سردار لکيل آهي ان لاءِ اسٽينو ٽائپسٽ نالي سان گڏ سردار لکي ڇڏيو، آئنده احتياط ڪندس.

چيف جسٽس لطيف کوسه کي چيو ته سردار ۽ نوابن کي ڇڏيو، هاڻ غلامي مان ٻاهر نڪرو، سردار لکي پنهنجو رتبو وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪندا ڪريو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔