هلندڙ هفتي ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جو امڪان

ڪراچي: موسميات کاتي هلندڙ هفتي دوران سنڌ سميت پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ اسلام آباد جي ميداني علائقن ۾ سخت ڪوهيڙي جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي الرٽ جاري ڪندي شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

موسميات کاتي موجب، اربع کان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته اترين علائقن ۽ اتر بلوچستان ۾ سخت ٿڌ پوڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي طرفان اتر سنڌ سميت پنجاب، ڪي پي ۽ اسلام آباد جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙو جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔