موسميات کاتي پاران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي

اسلام آباد: موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي موجب اتر بلوچستان ۾ ٿڌ جي شدت برقرار رهندي. پنجاب جي مختلف ميداني ۽ خيبرپختونخواهه جي ڪجهه علائقن ۾ ڪوهيڙو رهڻ جو امڪان آهي.

پوٽهوهار خطي ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ به ڪوهيڙو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اسلام آباد ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

مري، گليات ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٿڌ جي شدت برقرار رهندي. گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

بهاوالپور، ساهيوال، اوڪاڙه، قصور، لاهور، سيالڪوٽ، نارووال، گوجرانوالا، جهلم، منگلا، فيصل آباد، جهنگ، سرگودها، منڊي بهاءُالدين، ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۽ خانيوال ۾ به ڪوهيڙو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

جيڪب آباد، موهن جو دڙو، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، گهوٽڪي، پڊعيدن، چارسده، مردان، نوشهره، صوابي، پشاور، ڊيره اسماعيل خان ۽ ڀرپاسي ۾ به ڪوهيڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔