سال 2023 کي الوداع ، نئين سال 2024 جي ڀرپور آجيان

ڪراچي: پوري دنيا سميت پاڪستان ۾ به سال 23 کي الوداع چوندي نئين سال 2024 جي ڀرپور آجيان ڪئي وئي،پاڪستان سميت مختلف ملڪن ۾ نئين سال جي آمد تي رنگا رنگي بتيون ،ڦٽاڪا ٻاري ۽ هوائي فائرنگ ڪري خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو ، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ جي واقعن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.نئين سال شروع ٿيڻ سان سڄي ملڪ ۾ آتشبازي ۽ جشن جو سلسلو شروع ٿي ويو. ڪراچي ۾ نئين سال جي شروعات هوائي فائرنگ ۽ ڦٽاڪن سان شروع ٿي.صدر، لياري، گارڊن، سچل ڳوٺ، ڪورنگي، اورنگي، سائيٽ، سرجاني، ملير، قائدآباد، گلستان جوهر، لياقت آباد، نيو ڪراچي، بلديه، ڪياماڙي ۾ هوائي فائرنگ ڪئي وئي.سهراب ڳوٺ، فيڊرل بي ايريا، ڪلفٽن، خواجه اجمير نگري، سيد ٽائون، لانڍي، شاهه فيصل ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ به هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. ريسڪيو اختيارين موجب نئين سال جي موقعي تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ سان 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.پوليس موجب هوائي فائرنگ سان زخمي ٿيندڙن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن جڏهن ته مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ جي الزام ۾ گرفتار ماڻهن جو انگ 65 ٿي ويو آهي.پوليس موجب زخمين کي طبي امداد جي لاءِ جناح، سول ۽ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ڪراچي پوليس چيف خادم حسين رند نئين سال تي هوائي فائرنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو اشارو ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔