عام چونڊون: پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت ڪيترن ئي اميدوارن نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيلون داخل ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جو ٽيون  اهم مرحلو اڄ کان شروع ٿي ويو آهي. نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اميدوار اڄ کان اپيلون داخل ڪري رهيا آهن.  

ان سلسلي ۾ اين اي 89 ۽ 90 ميانوالي مان تحريڪ انصاف جي اميدوار عمير خان نيازي اپيل داخل ڪري ڇڏي جيڪا ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪئي وئي آهي. جسٽس چوڌري عبدالعزيز ريٽرننگ آفيسر ميانوالي ۽ اليڪشن ڪمشنر پنجاب کي نوٽيس جاري ڪري سڀاڻي تائين سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

عمران خان جي قانوني معاملن بابت فوڪل پرسن ۽ پي ٽي آءِ جي ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري عمير خان نيازي استدعا ڪئي آهي ته منهنجا نامزدگي ڪاغذ سياسي انتقام جي آڌار تي اين اي 89 ۽ 90 مان رد ڪيا ويا. ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي چونڊون وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي

اين اي 236 تان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي ۽ ٻين تڪن تان آزاد اميدوار اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيلون داخل ڪري ڇڏيون.

صوبائي تڪ پي پي 290 تان ڊي جي خان مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي محي الدين کوسو ۽ پي ٽي آءِ جي زرتاج گل اين اي 185 ڊي جي خان تان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيلون داخل ڪري ڇڏيون.

تحريڪ انصاف جي اميدوار شعيب شاهين اسلام آباد جي ٽن قومي اسيمبلي جي تڪن تان پنهنجا نامزدگي ڪاغذ د ڪرڻ خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏيون.

ڪي پي ڪي ۾ چونڊ ٽربيونل پي ٽي آءِ جي 8 اميدوارن اپيلون داخل ڪيون. جن ۾ اين اي 21 مردان مان مجاهد خان، ظاهر شاهه طورو پي ڪي 57، عبدالسلام آفريدي پي ڪي 58، افتخار مشواني پي ڪي 60، امير فرزند خان پي ڪي 56، اين اي 35 ڪوهاٽ آفتاب عالم، اين اي 31 هنگو مان يوسف خان، هنگو مان ابو تراب شامل آهن.

پنجاب ۾ پي پي 169 تان ميان محمود الرشيد، اين اي 131 قصور مان بيرسٽر شاهد مسعود نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ سان تعلق جي آڌار تي ريٽرننگ آفيسر بناجواز نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا.

اپيلون اڄ پهرين جنوري کان 3 جنوري اربع تائين داخل ڪري سگهجن ٿيون. هاءِ ڪورٽ ۾ اميدوارن جي اپيلن جي وصولي لاءِ خصوصي سيل ٺاهيو ويو آهي.

ريٽرننگ آفيسرن طرفان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو آهي. هاءِ ڪورٽ ٽربيونلز 10 جنوري تائين سمورين اپيلن تي فيصلو ڪندي. ريٽرننگ آفيسر 11 جنوري تي اميدوارن جي نئين لسٽ جاري ڪندا. 12 جنوري تائين نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهجن ٿا، 13 جنوري تي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا. عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن جي ڪاغذن جي جانچ پڙتال 13 جنوري تي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔