آءِ فون جو چورن کان تحفظ ڏيڻ لاءِ بهترين فيچر متعارف

نيويارڪ: ايپل پاران هڪ نئون سيڪيورٽي فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو چورن کي اوهان جي آءِ فون ڊيٽا کان پري رکڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. سمارٽ فونز ۾ واهپيدارن جا حساس تفصيل موجود هوندا آهن جهڙوڪ مختلف سروسز جي اڪائونٽس جون اي ميلز، ڪريڊٽ ڪارڊ جا تفصيل وغيرا. آءِ فون واهپيدارن پاس ڪوڊ ذريعي پنهنجن حساس تفصيلن تائين پهچ حاصل ڪندا آهن. 4 يا 6 نمبرن يا اکرن جو اهو ڪوڊ مختلف ڪمن لاءِ استعمال ٿيندو آهي جهڙوڪ ڪريڊٽ ڪارڊ جا تفصيل ڏسڻ، ايپل آ ڊي جو پاسورڊ تبديل ڪرڻ يا ڊوائيس ۾ محفوظ سمورن پاسورڊز تائين پهچ وغيرا. اهو ئي سبب آهي جو ايپل آءِ فونز جي سيڪيورٽي مضبوط بڻائڻ لا آءِ او ايس 17.3 بيٽا ۾ هڪ نئين فيچر Stolen Device Protection جو اضافو ڪيو آهي. ان فيچر جي زريعي واهپيدار پنهنجي ڊوائيس کي وڌيڪ محفوظ بڻائي سگھندا، پوءِ ڀلي چورن جي به خبر ڇو نه پئجي وڃي، ڊيٽا محفوظ رهندو. ان فيچر ذريعي واهپيدار پنهنجن حساس تفصيلن تائين پهچي يا ايپل آءِ ڊي ۾ تبديلي فيس آءِ ڊي (چهري جي اسڪين) يا ٽچ آءِ ڊي (فنگر پرنٽ) جهڙن بائيوميٽرڪ طريقن سان ئي ڪري سگھندا. ڪمپني موجب ان فيچر تحت جڏهن ڪو واهپيدار ايپل آءِ پاسورڊ کي تبديل ڪندو، فيس يا فنگر پرنٽ اسڪيننگ کي تبديل ڪندو يا فائنڊ ماءِ آءِ فون کي ٽرن آف ڪندو ته ان کان بائيوميٽرڪ ڊيٽا گھري ويندي. بائيوميٽرڪ ڊيٽا فراهم ڪرڻ کان پوءِ به هڪ ڪلاڪ تائين انتظار ڪرائي وري ڊيٽا گھريو ويندو، جنهن کان پوءِ تبديليون ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. ڪمپني ٻڌايو ته جيتوڻيڪ اهو فيچر بيٽا ورجن واهيدارن کي دستياب آهي پر ٻيا واهپيدار آءِ او ايس جي نئين اپ ڊيٽ کان پوءِ ان کي استعمال ڪري سگھندا. پر واهپيدارن کي اهو فيچر پاڻ ٽرن آن ڪرڻو پوندو. ان لاءِ سيٽنگز ۾ فيس آءِ اينڊ پاسڪوڊ ۾ وڃي Stolen Device Protection جي آپشن کي ٽرن آن ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔