ڀٽو ڦاهي ريفرنس: ڪيس کي وڌيڪ نٿا لٽڪائي سگهون، جنوري ۾ روزانو ٻڌڻي ٿيندي: چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي ڪيس ۾ صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي لاءِ 9 عدالتي معاون مقرر ڪيا آهن، رٽائرڊ جسٽس منظور ملڪ، بئرسٽر سلمان صفدر، علي احمد ڪرد ۽ ٻيا عدالت جي معاونت ڪندا

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 9 رڪني لارجر بينچ  11 سالن کانپوءِ صدارتي ريفرنس تي پهرين ٻڌڻي هلائي

جسٽس منصور علي شاهه صدارتي ريفرنس تي سوال اٿاريندي چيو ته سپريم ڪورٽ ڀٽو ڪيس ۾ فيصلو ٻڌائي چڪي آهي، ختم ٿيل ڪيس کي ٻيهر ڪيئن ٻڌي سگهجي ٿو؟ سپريم ڪورٽ ڪنهن فيصلي تي ٻيهر نظرثاني نه ٿي ڪري سگهجي

بلاول ڀٽو زرداري جي درخواست تي سپريم ڪورٽ پاران صدارتي ريفرنس تي ڪارروائي لائيو نشر ڪئي وئي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ عدالت ۾ موجود رهيا

پيپلزپارٽي جي حڪومت 2011 ۾ صدر آصف علي زرداري ذريعي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل بابت ريفرنس داخل ڪرايو هو

نگران حڪومت ريفرنس تي ٻڌڻي هلائڻ جي حمايت ڪري ڇڏي

نگران وفاقي سرڪار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي هلائڻ جي حمايت ڪري ڇڏي

اٽارني جنرل منصور اعواڻ سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني بينچ آڏو موقف پيش ڪندي چيو ته مون کي هدايتون آهن ته حڪومت صدارتي ريفرنس کي هلائڻ گهري ٿي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هڪ سينيئر ميمبر بينچ ۾ شامل ٿيڻ نه پئي چاهيو، وڌيڪ ٻن ججز به ذاتي سببن جي بنياد تي معذرت ڪئي، ان کانپوءِ 9 رڪني لارجر بينچ جوڙي وئي، اسان پهرين اهو ڏسون ٿا ته ڪير ڪنهن جي نمائندگي ڪري ٿو

بلاول ڀٽو زرداري ريفرنس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي، وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته مان بلاول ڀٽو زرداري جي نمائندگي ڪندس

چيف جسٽس چيو ته اسان توهان کي وارثن طور ۽ سياسي جماعت طور به ٻڌي سگهون ٿا، وڪيل احمد رضا قصوري به عدالت ۾ پيش ٿي استدعا ڪئي ته مون کي به ٻڌو وڃي، چيف جسٽس چيو ته هر قانوني وارث جو حق آهي ته کيس ٻڌو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔