سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سويلين جو ٽرائل جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ حڪومت جي اپيل منظور ڪندي فوجي عدالتن ۾ سويلين جو ٽرائل جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي پر فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جو حتمي فيصلو سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مشروط هوندو.  عدالت سويلين جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو 23 آڪٽوبر جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.

جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بينچ ٻڌڻي ڪئي. جسٽس امين الدين خان، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت بلالي ۽ جسٽس عرفان سعادت خان بينچ جو حصو هئا

جسٽس سردار طارق مسعود ريمارڪس ڏنا ته اسان هن معاملي تي فيصلو جاري ڪنداسين جيڪو ٿوري دير ۾ ٻڌايو ويندو.  فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي شروع ٿي ته جسٽس سردار طارق مسعود اعتراضن تي بينچ کان ڌار ٿيڻ کان انڪار ڪيو. جسٽس سردار طارق مسعود چيو ته وڪيل جسٽس جواد ايس خواجه جو فيصلو پڙهي وٺن اها جج جي مرضي آهي ته بينچ جو حصو رهي يا ٻڌڻ کان معذرت ڪري. جواد ايس خواجه جو پنهنجو فيصلو آهي ته ڪيس ٻڌڻ کان انهن جو فيصلو جج جي صوابديد آهي مان پاڻ کي بينچ کان ڌار نٿو ڪريان. معذرت

لطيف کوسا عدالت ۾ چيو ته بينچ تي اعتراض آهي، جنهن تي جسٽس سردار طارق مسعود چيو ته ڇا اوهان کي نوٽيس مليو آهي؟ جڏهن ڌرين کي نوٽيس ٿيندو تڏهن اوهان جو اعتراض ڏسنداسين. لطيف کوسا چيو ته اوهان ويهي ڪيس ٻڌي رهيا آهيو ان لاءِ چئي رهيو آهيان. جنهن تي جسٽس سردار طارق مسعود چيو ته ڇا اسان بيهي ڪيس ٻڌون؟ ڪيس ويهي ٻڌو ويندو آهي.

فيصل صديقي اعتراض اٿاريو ته حڪومت نجي وڪيلن جون خدمتون حاصل نٿي ڪري سگهي جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته نجي وڪيلن جي خدمتن لاءِ قانون گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن. مناسب هوندو ته پهريان درخواستگذارن کي ٻڌو وڃي.

سلمان اڪرم راجا چيو ته عدالت ٽرائيل ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو اسان کي ٻڌڻ کان سواءِ معطل نٿي ڪري سگهي. وڪيل اعتزاز احسن چيو ته نوٽيس کان اڳ ججز تي اعتراض هجي ته ان تي دليل ٿيندا آهن جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته ڌرين جي وڪيلن جو اعتراض بي بنياد آهي پهريان ميرٽ تي ڪيس ٻڌو نوٽيس کان پوءِ اعتراض اٿاري سگهجي ٿو.

وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته نوٽيس  جاري ٿيڻ کان پوءِ اعتراض اٿارڻ تي ڪيس متاثر ٿيندو جڏهن ته وڪيل لطيف کوسا چيو ته جسٽس سردار طارق پنهنجي نوٽ ۾ فوجي  عدالتن جي درخواستن تي راءِ ڏئي چڪو آهي.

جسٽس سردار طارق وڪيلن کان سوال ڪيو ته ڪنهن اعتراض ڪيو آهي؟ جنهن تي وڪيل سلمان اڪرم راجا ٻڌيو ته اعتراض جواد ايس خواجه ڪيو آهي. جسٽس سردار طارق چيو ته جواد ايس خواجه جو پنهنجو فيصلو آهي جج جي مرضي آهي اهو اعتراض تي بينچ کان ڌار ٿئي يا نه ٿئي.

جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو جنهن جي تحت عدالت حڪومي جي اپيل منظور ڪندي فوجي عدالتن ۾ سويلين جو ٽرائيل جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي پر عدالت اهو به قرار ڏنو ته فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جو حتمي فيصلو سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مشروط هوندو.

سپريم ڪورٽ ملٽري ڪورٽس بابت پنهنجو اڳوڻو فيصلو مشروط طور تي معطل ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته سپريم ڪورٽ جي حتمي فيصلن تائين فوجي عدالتون سزا تي عمل نه ڪن. فيصلو پنج ججز اڪثريتي راءِ سان ڏنو جنهن مان هڪ جج جسٽس مسرت بلالي اختلاف ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔