ملڪ ۾ سون وڌيڪ سستو ٿي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ اڄ به سون جي في تولو اگهه ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ 24 قيراط سون جي قيمت ۾ 1800 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ سون جو اگهه 2 لک 13 هزار 600 رپيا ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت 10 گرام  سون جو ملهه هڪ هزار 543 رپيا گهٽجڻ سان 1 لک 83 هزار 128 رپيا ٿي ويو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 13 ڊالرن جي گهٽتائي سان 1985 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔