تنقيد جي پرواهه ناهي، وڏي عمر مان مزو پئي وٺان: نداياسر

ڪراچي: مشهور اينڪر ۽ اداڪاره ندا ياسر چيو آهي ته پنهنجي هن عمر مان مزو وٺي رهي آهيان

شائسته لوڌي جي پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مون زندگي ۾ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي 19 سالن جي ڄمار ۾ ڪم شروع ڪيو، پئسا بچائيندا هئاسين ته گاڏي وٺڻي آهي، نه پاڻ کي وقت ڏنو ۽ نه ئي مهانگي ڪريم خريد ڪئي به منهن ڌوئي وٺندي هيس

هن چيو ته مون کي ڳاڙهو رنگ ڏاڍو وڻندو آهي ان ڪري تنقيد جي ڪا پرواهه نه آهي

هن چيو ته ماڻهو چون ٿا ته هيتريون سرجريون ڪرايون وغيره، هاڻ مون پاڻ کي وقت ڏيڻ شروع ڪيو آهي، پاڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهيان، هاڻ اسان کي سمجهه ۾ آيو ته اسڪرين تي ڪيئن ڪپڙا پائجن ۽ ڪيئن ميڪ اپ ڪرڻ گهرجي

هن چيو ته شروع ۾ بس منهن ڌوئي اسڪرين تي هلي ويندي هيس پر جڏهن عمر وڌي وئي ته هاڻ پاڻ تي ڌيان ڏيان پئي، اورينج، ڳاڙهو رنگ جا ڪپڙا پسند آهن

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔