پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊون اسان جي نظر ۾ صحيح نه آهن: چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد: چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊون اسان جي نظر ۾ صحيح نه آهن. اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ پي ٽي آءِ باني ميمبر ۽ درخواستگذار اڪبر ايس بابر پيش ٿيا.

پي  ٽي آءِ جي وڪيل بيرسٽر علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي اعتراضن جي باوجود انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون، پاڪستان جي سڀني کان وڏي سياسي پارٽي کي چونڊن کان ٻاهر نٿو ڪري سگهجي. اليڪشن ڪميشن کي 7 ڏينهن جي اندر پارٽي سرٽيفڪيٽ جي حوالي سان فيصلو ڪرڻو هوندو آهي.  اڄ ست ڏينهن مڪمل ٿي چڪا آهن. اليڪشن ڪميشن سرٽيفڪيٽ وڌيڪ نٿي روڪي سگهي. اليڪشن ڪميشن اسان کي سرٽيفڪيٽ فوري طور تي جاري ڪري. ساڳئي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي سڃاڻپ خطري ۾ آهي. اليڪشن ڪميشن عدالت جيان اهڙي ڪيس کي نٿي هلائي سگهي. پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي ساڳئي ڪيس ۾ آرڊر  ڪرڻ کان روڪيو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ساڳئي ڪيس کي هلائڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. پي ٽي آءِ پنجن سالن ۾ انٽرا پارٽي چونڊون نٿي ڪرائي سگهي. پي ٽي آءِ پنج سالن کان پوءِ جيڪي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون اهي اسان جي نظر ۾ صحيح نه آهن. پنهنجون غلطيون اليڪشن ڪميشن جي کاتي ۾ وجهڻ ڪنهن به صورت ۾ صحيح عمل نه آهي. اليڪشن ڪميشن ان جي باوجود پي ٽي آءِ کي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو موقعو ڏنو.

ڊي جي لا اليڪشن ڪميشن دليل ڏنا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم انٽرا پارٽي چونڊن جي ڪيس ۾ انٽرا پارٽي چونڊون اليڪشن ڪميشن جي اختيار کي قرار ڏنو. سپريم ڪورٽ چئي چڪي آهي ته انٽرا پارٽي چونڊن کي ڏسڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. ڪابه سياسي پارٽي جيڪڏهن انٽرا پارٽي  چونڊون نه ڪرائيندي ته چونڊ ايڪٽ جي تحت ڪارروائي ڪئي ويندي آهي.

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي 14 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن درخواستگذارن کي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔