بشير ميمڻ آفيسرن کي ڌمڪائي رهيو آهي: سعيد غني

ڪراچي: اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته فوج اڻ ڌريو رهڻ جو اعلان ڪيو ته پي ٽي آءِ جو اڳوڻو چيئرمين فوج جي ڪڍ پئجي ويو، ساڳيو ڪم هاڻي جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ بشير ميمڻ ڪري رهيا آهن

هن  الزام هنيو ته بشير ميمڻ آفيسرن کي فون ڪري چوي ٿو ته توهان جو اهڙو حشر ڪندس جو ياد رکندئو، نون ليگ وارا نواز شريف جي سياست جو پاڻ جنازو ڪڍي رهيا آهن

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته پيپلزپارٽي جي چوڻ تي نگران حڪومت ۾ ڪو به آفيسر نه لڳايو ويو آهي، سڀ گڏجي به پيپلزپارٽي کي شڪست ڏئي نه ٿا سگهن

سعيد غني چيو ته مصطفيٰ ڪمال جي ڌمڪين وارين تقريرن جو اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔