وفاق 10هين قومي مالياتي ڪميشن جوڙي ورتي

اسلام آباد: صدر عارف علوي 10هون قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) جوڙي ڇڏيو، ناڻي واري وزير جي حيثيت سان وزيراعظم عمران خان قومي مالياتي ڪميشن جو چيئرمين هوندو، جڏهن ته ناڻي وارو صلاحڪار ۽ چئني صوبن جي ناڻي وارا وزيرقومي مالياتي ڪميشن جا ميمبر هوندا .ناڻي واري صلاحڪارکي ناڻي واري وزيرجي غير موجودگي ۾ قومي مالياتي ڪميشن جي صدارت ڪرڻ جو اختيار هوندو، قومي مالياتي ڪميشن جي جوڙجڪ23 اپريل 2021 تائين موثر هوندي ، نوٽيفڪيشن موجب ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري سرڪاري طور تي ماهر جي حيثيت سان ڪميشن جو حصو هوندو ،بلوچستان مان جاويد جبار قومي مالياتي ڪميشن جو ميمبر هوندو ،سنڌ مان ڊاڪٽر اسد سعيد،ڪي پي مان مشرف رسول ۽ پنجاب مان اسٽيٽ بينڪ جو اڳوڻو گورنرطارق باجوه ڪميشن جو ميمبر هوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔