فرانس ۾ فيشن جو سڀ کان وڏو ڪانز فلمي ميلو ملتوي

پئرس:عالمي وبا ڪرونا وائرس جي ڪري جتي سڄي دنيا ۾ ڪيتريون ئي عالمي ڪانفرنسون ۽ ٻيا ايونٽس روڪيا ويا آهن اتي وائرس فيشن انڊسٽري کي به بي حد متاثر ڪيو آهي. هلندڙ مهيني فرانس ۾ فيشن جو سڀ کان وڏو ڪانز فلمي ميلو به خطرناڪ ڪورونا وائرس جي ڪري ملتوي ڪيو ويو آهي.ڪانز فلمي ميلو لڳائيندڙن موجب اهو ميلو جون يا جولاءِ جي شروع ۾ڪرائڻ سميت مختلف پهلوئن تي غور ڪيو پيو وڃي. هي ميلو هلندڙ سال 12 کان 23 مئي تائين ٿيڻو هو. فرانس جي ڏاکڻي سامونڊي شهر ڪانز ۾ ٿيندڙ سالياني فلمي ميلي ۾ سڄي دنيا مان فلم ساز، اداڪار ۽ مشهور شخصيتون شرڪت ڪري رهيون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔