سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر بورڊ جا امتحان ڪرائڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت جي فيصلي جي ابُتڙ صوبي ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر بورڊ جا امتحان ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پهرين جون تي اسڪولز نه کولڻ جو فيصلو، اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس بعد تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته پهرين کان اٺين درجي تائين شاگردن کي پروموٽ ڪيا ويندا، اسڪولز کولڻ لاءِ نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، نائين ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين جا امتحان ٿيندا، سنڌ ۾ پهرين جون کان اسڪول نه کلندا، ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اسڪول کولڻ وارو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو، سنڌ ۾ پهرين کان اٺين ڪلاس تائين شاگرد پروموٽ ٿيندا، هن چيو ته صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي، پوءِ به اهم فيصلا ڪري رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔