بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملو، 2 شهري شهيد، 3 فوجين سميت 10 ڄڻا زخمي

راولپنڊي: بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملي ۾ 2 شهري شهيد جڏهن ته 3 فوجين سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب 26 نومبر تي موٽر سائيڪل سوار آپگهاتي بمبار بنون ضلعي جي اهم علائقي بڪه خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي ويجهو پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 شهري شهيد، 7 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 3 فوجي جوان به حملي  ۾ زخمي ٿيا آهن. خيبرپختونخواهه جي علائقي بنون ۾ 26 نومبر تي آپگهاتي ڌماڪي ۾ افغان شهري ملوث نڪتو

جاري ڪيل بيان موجب آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ افغان شهري جي طور ٿي آهي جيڪو حافظ گل بهادر گروپ ۾ شامل هو. دهشتگرد جو نالو رابن الله ولد خانور گل جڏهن ته ان جو تذڪره نمبر 08916164 آهي. رابن الله 26 نومبر تي افغان سڃاڻپ ڪارڊ تي پاڪستان ۾ داخل ٿيو هو.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته علائقي ۾ موجود ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري آهي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔