فورسز ۽ شهرين تي حملو ڪندڙ دهشتگرد ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن: سرفراز بگٽي

اسلام آباد: نگران گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي آپگهاتي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ڇڏي آهي.

نگران گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي آپگهاتي حملي ۾ ٻن شهرين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شهيدن جي گهر ڀاتين سان ڏک جي هن گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون. زخمي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ شهرين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاگو آهيون

سرفراز احمد بگٽي چيو ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون ڏنيون وينديون. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي، سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي حملو ڪندڙ دهشتگرد ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔