سپريم ڪورٽ سرڪاري آفيسرن لاءِ(صاحب) لفظ جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ سرڪاري آفيسرن جي لاءِ صاحب جو لفظ استعمال ڪرڻ تي پابندي لڳائيندي چيو آهي ته صاحب جو لفظ آزاد قوم جي عڪاسي نٿو ڪري.

سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ هڪ ڊي ايس پي لاءِ صاحب جو لفظ استعمال ڪي ويو. صاحب لفظ ڪنهن آزاد قوم جي عڪاسي نٿو ڪري. سرڪاري ملازم صاحب لفظ سان پاڻ کي احتساب کان مٿانهون تصور ڪن ٿا

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ مردان ۾ 9 ورهين جي ٻارڙي جي قتل ڪيس جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ چيو ته ڊي ايس پي سان صاحب جو لفظ استعمال ڪيو ويو، سرڪاري ملازم صاحب جي لفظ کان پوءِ پاڻ کي احتساب کان مٿانهون سوچين ٿا.

عدالت ناقص پوليس جاچ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ناقص جاچ جي مثال ڏيڻ لاءِ هي بهترين ڪيس آهي. فيصلي جي ڪاپي آءِ جي خيبرپختونخواهه، ايڊووڪيٽ جنرل  ڏانهن اماڻي وڃي.

جاچ آفيسر کان ڄاڻ وٺڻ تي چيف جسٽس ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان عدالت جي ڪمري کي پنهنجي آفيس سمجهي رکيو آهي؟ آفيس جا ڪم عدالت ۾ ڪرڻ غير سنجيدگي کي ظاهر ڪري ٿو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته جوابدارن جي خلاف ڪهڙيون شاهديون آهن؟ ڊي ايس پي انويسٽيگيشن پشاور چيو ته ٻن گواهن جوابدارن سان گڏ ٻارڙي کي ويندي ڏٺو.

چيف جسٽس چيو ته گواهه ته اوهان به 4 وجهي سگهو ٿا. شاهد ڪٿي آهن؟ ڊي ايس پي چيو ته ٻارڙو پنهنجي چاچي جي ورڪشاپ تي ڪم ڪندو هو؟ چيف جسٽس چيو ته ڪوبه چاچو پنهنجي ڀائٽي  کي ٻئي ڪنهن ماڻهو سان ڪيئن وڃڻ جي اجازت ڏئي سگهي ٿو؟ ورڪشاپ وارن ٻارڙي جي گهر ڀاتين کي 16 ڏينهن کان پوءِ ڇو آگاهي ڏني. پوليس ورڪشاپ ملازمن جا بيان ڇو رڪارڊ نه ڪيا؟

چيف جسٽس چيو ته سڀني کان وڌيڪ ناقص جاچ خيبرپختونخواهه  پوليس جي آهي جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ قتل ڪيس جي جوابدار جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔