وڊيو ليڪ ٿيڻ بعد ٽڪ ٽاڪر عليزه سحر شادي ڪري ڇڏي

مشهور ٽڪ ٽاڪر عليزه سحر غير اخلاقي وڊيوز ليڪ ٿيڻ بعد شادي ڪري ڇڏي آهي، گذريل مهيني عليزه سحر جي اڻوڻندڙ وڊيوز سوشل ميڊيا تي ٽاپ ٽرينڊ جو حصون رهيون، وڊيو ۾ عليزه سحر وڊيو ڪال دوران ان شخص جون نامناسب فرمائشون پوريون ڪندي نظر آئي

وڊيو ڪال تي ڳالهائڻ بعد ان شخص عليزه سحر جي وڊيو انٽرنيٽ تي وائرل ڪري ڇڏي، جنهن تي صارفين طرفان رد عمل ۾ چيو ويو ته هي عليزه سحر پاڻ ئي پنهنجي وڊيو ليڪ ڪئي آهي

وڊيو ليڪ ٿيڻ بعد هاڻ عليزه سحر شادي ڪري ڇڏي آهي، ان جي شادي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، عليزه سحر دل محمد کمهار نالي شخص سان شادي ڪئي آهي

عليزه سحر جي شادي جي وڊيو تي سوشل ميڊيا صارفين جي طرفان گڏيل رد عمل ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، ڪجهه صارفين ان جي مڙس کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي لکيو ته هن صرف پئسن جي لاءِ شادي ڪئي آهي

هڪ صارف چيو ته جيڪو ڪجهه به ٿيو ان کي وساري هڪ نئين زندگي جي شروعات ڪرڻ گهرجي، عليزه سحر جي وڊيو ليڪ ٿيڻ ۽ شادي بعد ڪجهه ڇوڪرين پاران ان کي نصيحتون به ڏنيون پيون وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔