سنڌ جي 38 مان رڳو 12 شگرملن چمنيون ٻاريون: 5 غيرفعال: رهيل ملز کي 2 ڏينهن مهلت

ڪراچي: سنڌ ۾ 38 شگر ملن مان 5 غيرفعال شگر ملون هن سال به بند رهنديون، فنڪشنل بڻيل 33 مان 12 شگر ملن چمنيون ٻاري ڇڏيون

21 شگر ملن کي 15 نومبر تائين چمنيون ٻارڻ لاءِ پابند بڻايو ويو، ايوان زراعت پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته 15 نومبر تائين هر حال ۾ شگر ملون هلائڻ گھرجن

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ مجموعي طور تي 38 شگر مان نجمه شگر مل جھڏو، مرزا شگر مل ڪڍڻ، عبدالله شگر مل ٺٽو سميت 5 شگر ملون به بند ئي رهنديون

جڏهن ته باقي فنڪشنل بڻيل 33 شگر ملن مان سڪرنڊ شگر مل، ٻانڌي شگر مل، سانگھڙ شگر مل، مٽياري شگر مل، ڪِرن شگر مل سکر، فاران شگر مل شيخ ڀرڪيو، ٿرپارڪر شگر مل ڪوٽ غلام محمد، چمبڙ شگر مل، نئون ديرو شگر مل ۽ العباس شگر مل ميرواھ گورچاڻي سميت 12 شگر ملن چمنيون ٻاري ڇڏيون آهن. جڏهن ته باقي 21 شگر ملون نه هلي سگھيون آهن

ان حوالي سان ڪين ڪمشنر پاران پاسما کي هدايت ڪئي وئي آهي سموريون شگر ملون 15 نومبر تائين هلڻ گھرجن. هوڏانهن پاسما جو چوڻ آهي ته 15 نومبر آخري تاريخ آهي ان کان اڳ ئي شگر ملون هلايون وينديون. هوڏانهن ايوان زراعت جي اڳواڻ زاهد ڀرڳڙي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته شگر ملون جلد کان جلد هلايون وڃن جيئن ڪمند جا آبادگار زمينون خالي ڪري سگھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔