سنڌ جي نگران وڏي وزير ڪمند جو اگهه 425 رپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي نگران وڏي وزير ڪمند جو اگهه گهٽ ۾ گهٽ 425 روپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو، چيف سيڪريٽري سنڌ کي ڪابينا مان سرڪيوليشن ذريعي سمري منظور ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

 سنڌ جي نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، ايڊووڪيٽ جنرل، ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي

 زراعت کاتي جي سيڪريٽري اعجاز طرفان بريفنگ ڏني وئي، نگران وڏي وزير ڪمند جو اگهه گهٽ ۾ گهٽ اگهه 425 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو

 وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 4 هزار رپيا اڳ ئي مقرر ڪري چڪي آهي، پنجاب ۾ چانورن ۽ ڪڻڪ جي پيداور سنڌ کان وڌيڪ آهي، زراعت کاتي جو سيڪريٽري ڊي جيز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي، زراعت کاتي جون ونگز بهتر ڪم نه پيون ڪن، انهن کي بند ڪيو وڃي يا بهتر بڻايو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔