ڪوهيڙي کي منهن ڏيڻ لاءِ پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون، قلم 144 لاڳو

لاهور:ڪوهيڙي جي خاتمي لاءِ پنجاب جي 8 شهرن ۾ اڄ کان سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي. سختي اڄ کان لاڳو نه هوندي.

ڪوهيڙي سبب متاثر ٿيل لاهور سميت  پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ خميس ۽ جمعي جي ڏينهن جزوي طور تي سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو پيو وڃي. پنجاب حڪومت تبديلي ڪندي اڄ ۽ سڀاڻي مارڪيٽون، هوٽلون ۽ جم کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

ڪوهيڙي سبب ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل طور تي سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو رهندو. سمارٽ لاڪ ڊائون دوران تعليمي ادارا، آفيسون، شاپنگ مال، هوٽلون، سئنيما ۽ جم بند رهندا.

سمارٽ لاڪ ڊائون دوران ميڊيڪل اسٽورز، فارميسيز، پيٽرول پمپ، تندور، بيڪريون ۽ ڊيري شاپس وغيره کي پابندي کان ڇوٽ حاصل هوندي. ڪوهيڙي سبب فصلن جي باقيات، گند ڪچرو، ٽائر، پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ۽ چمڙو ساڙڻ تي پابندي لاڳو هوندي.

ڪوهيڙي سبب پابندي لڳايل شهرن ۾ لاهور، ننڪانه صاحب، شيخوپوره ۽ قصور شامل آهن، گوجرانوالا، شيخوپوره، نارووال ۽ حافظ آباد ۾ به قلم 144 لاڳو رهندو.

ڊي سي لاهور رافعه حيدر موجب ڇنڇر ۽ آچر تي لاهور کان ٻاهر ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند هوندي. ڪوهيڙي کان بچاءُ لاءِ لاڪ ڊائون سان گڏوگڏ آلودگي پکيڙيندڙن جي خلاف ڪارروايون جاري آهن جڏهن ته ڪوهيڙي سبب لڳايل لاڪ ڊائون کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پوليس شهر جي اچ وڃ وارن رستن تي ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي.

ٻئي طرف اسٽيٽ بينڪ به اعلان ڪيو آهي ته ڪوهيڙي سبب متاثر ضلعن ۾ 10 نومبر تي بينڪون به بند رهنديون.

انتظاميه طرفان اسمارٽ لاڪ ڊائون دوران سيف سٽي ڪيمرائن ذريعي مرڪزي علائقن جي مارڪيٽن، بازارن ۽ ٻين عوامي هنڌن جي نگراني ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان ضلعي انتظاميه ۽ پوليس واپاري تنظيمن کي صورتحال کان آگاهه ڪندي ڀروسي ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔