اي سي او جي سمورن ملڪن کي غزه ۾ جنگبندي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: نگران وزيراعظم

تاشقند: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اي سي او جي سمورن ملڪن کي غزه ۾ جنگبندي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته غزه ۾ معصوم ٻارن ۽ عورتن کي نشانو بنايو پيو وڃي. جاري جنگ کي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي.

تاشقند ۾ ٿيندڙ اقتصادي تعاون تنظيم(اي سي او) جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اي سي او جي 16هين  سربراهي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي. پاڪستاني وفد جو پرجوش استقبال ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.

هن چيو ته اقتصادي تعاون تنظيم خطي جي ترقي لاءِ اهم فورم آهي. خطي ۾ واپاري سرگرمين سان ئي ترقي ممڪن آهي. اي سي او ميمبر ملڪ معدني وسيلن سان مالا مال آهن. اي سي او ملڪن جي وچ ۾ واپار اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.

انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اي سي او ريجن ۾ وڌيڪ سرحدي ۽ واپاري سرگرمين جي ضرورت آهي. پاڪستان جي حڪومت سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ خصوصي ڪائونسل قائم ڪري رکي آهي. پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سرمائيڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن. پاڪستان اي سي او جي ٻين ملڪن سان ملي ڪم ڪري رهيو آهي.

نگران وزيراعظم اجلاس ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ غزه ۾ جاري جنگ فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اي سي او ملڪ جنگبندي لاءِ ڪردار ادا ڪن.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔