نگران وزيراعظم جي آذربائيجان جي صدر سان ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون

تاشقند: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آذربائيجان جي صدر الهام عليئيف سان ملاقات ڪئي آهي.

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي 16هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي صدر الهام عليئيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، واپار، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.

وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ صدر عليئيف اسلاموفوبيا ۽ موسمياتي تبديلي سميت ٻين گڏيل چيلنجز، علاقائي تعاون ۽ اجتماعي خوشحالي کي هٿي ڏيڻ لاءِ اي سي او جي اهم ڪردار تي به ڳالهيون ڪيون.

وزيراعظم آذربائيجان لائين جي پاڪستان لاءِ سڌو سنئون فلائٽ آپريشن جي اعلان جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ڪاروبار، سياحت ۽ ماڻهن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ انساني بحران ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جي تازه ترين صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون.

وزيراعظم آذربائيجان جي خودمختاري ۽ علاقائي سالميت خاص طور تي قره باغ جي حوالي سان پاڪستان جي اڻڌري حمايت جو به اعلان ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔