ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڌماڪو، پنج ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

ڊيرا اسماعيل خان: ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس وين ويجهو زوردار ڌماڪو، 5 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
جڏهن ته زخمين ۾ پوليس اهلڪار به شامل آهن.
ذريعن موجب ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي، ڌماڪي سبب ڪيترين ئي موٽرسائيڪلز کي به نقصان پهتو آهي.
پوليس موجب ڌماڪي کانپوءِ فائرنگ جا آواز به ٻڌا ويا، شروعاتي جاچ موجب ڌماڪو پوليس جي وين کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔