ملڪ جو نقصان ختم ڪرڻ لاءِ گئس اگهن ۾ واڌ ضروري هئي: نگران حڪومت

اسلام آباد: توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي چيو آهي ته ملڪ جو نقصان ختم ڪرڻ لاءِ گئس اگهن ۾ واڌ ضروري هئي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد علي چيو ته پاڪستان ۾ گئس جو اگهه حڪومت ڏيندي آهي، اوگرا کي هن سال 697 بلين رپيا گهرجن ته جيئن گئس خريدي سگهجي

هن چيو ته گذريل 10 سالن کان گئس جا ذخيرا گهٽجندا پيا وڃن، اڄ هزار ارب رپين کان گهٽ جي گئس ۽ آئل ڪڍي رهيا آهيون، ڇو ته گئس جي مقامي پيداوار گهٽ آهي، آر ايل اين جي جي درآمد ڪرڻي پوندي آهي، مقامي سطح تي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ 210 ارب ادا ڪرڻا پوندا آهن، هلندڙ مالي سال به قيمت نه وڌايون ها ته 400 اربن جو نقصان ٿئي ها.
سندس چوڻ هو گذريل دور ۾ قيمت وڌايا وڃن ها ته اڄ ايتري واڌ نه ٿئي ها، 10 ورهين ۾ گئس ڪمپنين کي 879 اربن جو نقصان ٿيو، سموري گئس چين جو نقصان 2100 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي پر گئس قيمت وڌائڻ سان هاڻ پيٽروليم سيڪٽر جو سرڪلر ڊيٽ نه وڌندو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔