افغان پناهگيرن جي واپسي جي ڊيڊ لائن تي فضل الرحمان جو بيان

جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته افغان پناهگير ٻطرفو مسئلو آهن، افغان حڪومت سان ڳالهيون ڪيون وڃن، افغان حڪومت کي اعتماد ۾ وٺي پناهگيرن جي واپسي جو طريقيڪار طئه ڪيو وڃي

افغان پناهگيرن جي واپسي جي ڊيڊ لائن تي جي يو آءِ سربراهه هڪ بيان ۾ چيو ته غير قانوني جي آڙ ۾ قانوني طور رهندڙ افغانين کي به بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي

هن وڌيڪ چيو ته مقامي انتظاميا ۽ بااثر ماڻهو قانوني طور تي رهندڙ افغانين کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، افغانين جي ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ لاءِ وحشياڻو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي

فضل الرحمان چيو ته اهڙن قدمن سان پاڙيسري ملڪ سان لاڳاپن تي ناڪاري اثر پوندا، معاملي کي سنجيدگي سان ٻطرفي ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔