ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ تي چار ارب روپيا خرچ ايندو، ڪابينه منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي:سنڌ ڪابينه سڪرنڊ سانحي جي متاثرن لاءِ معاوضي جي به منظوري ڏني، 28 سيپٽمبر تي سڪرنڊ ڀرسان ماڙي جلباڻي ۾ واقعو پيش آيو هو، جنهن ۾ مارجي ويلن جي وارثن لاءِ 80 لک رپيا ۽ زخمين لاءِ 20 لک روپيا جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينه اجلاس ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي جي معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو

اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، ڪابينا کي غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي جي معاملي تي گهرو سيڪريٽري بريفنگ ڏني.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي گهرو وزير غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي جو منصوبو صوبن سان شيئر ڪيو آهي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد مان پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جو پلان مڪمل آهي.
نگران وڏي وزير چيو ته پرڏيهين جي واپسي کي يقيني بڻايو وڃي، اسان چاهيون ٿا ته واپسي بهتر انداز ۾ ٿئي، ان حوالي سان جيڪي به فنڊ گهربل هوندا اهي فراهم ڪنداسين.
سنڌ ڪابينه ان معاملي تي هڪ ڪميٽي به قائم ڪئي آهي، جيڪا پرڏيهين جي واپسي تي ٿيندڙ خرچن جي نگراني ڪندي.
نگران وڏي وزير ڪابينه جي مشوري سان پرڏيهين جي واپسي لاءِ 4 بلين رپيا فنڊ رکي ڇڏيو.
جسٽس (ر) مقبول باقر گهرو وزير کي حڪم ڏنو ته پوليس کي ضلعي انتظاميه سان گڏ متحرڪ ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔