اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات، موسم ٿڌو ٿي ويو

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات سبب موسم ٿڌو ٿي ويو. موسميات کاتي وڌيڪ برساتن ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف هنڌن تي تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات پئي جنهن سبب موسم ٿڌو ٿي ويو آهي.

موسميات کاتي 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد، خيبرپختونخواهه، پنجاب، مٿانهين سنڌ، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ وڌيڪ برسات جڏهن ته اسلام آباد ۽ خيبرپختونخواهه جي جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

موسميات کاتي موجب سنڌ جا مختلف علائقا به مغربي هوائن جي سلسلي جي اثر هيٺ آهن، جنهن جي ڪري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به برسات پئجي سگهي ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔