عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ملتوي، بشريٰ بي بي جي ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد: سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي جڏهن ته بشريٰ بي بي جي ضمانت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي 6 ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪندي اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي توشه خانه جعلي رسيدن جي ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ 31 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڀڃ ڊاهه، احتجاج ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي داخل 6 ڪيسن ۾ ضمانت جي 6 درخواستن تي ٻڌڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طاهر عباس سپرا ڪئي. ان موقعي تي بشريٰ بي بي توشه خانه جعلي رسيدن جي ڪيس ۾ عدالت جي آڏو پيش ٿي.

عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف 6 ڪيسز جي ٻڌڻي 24 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت منظور ڪندي 31 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جون ضمانت جون 6 درخواستون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بحال ڪيون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔