معيشت بهتر ٿيڻ سان پاڪستان ۾ برطانوي سرمائيڪاري ۾ اضافو ٿيندو: برطانوي هاءِ ڪمشنر

ڪراچي: پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو آهي ته چونڊون ۽ معيشت ۾ بهتري اچڻ جي 6 مهينن کان پوءِ پاڪستان ۾ برطانوي سرمائيڪاري ۾ اضافو ٿيندو.

برطانوي هاءِ ڪمشنر پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ فارما سيڪٽر جي لسٽڊ ڪمپني بيليون پاڪستان لميٽيڊ جي نئين سرمائيڪاري منصوبي تي گهنٽي وڄائي ڪاروبار جي شروعات جي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پاڪستان جي ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ پوٽينشل آهي جنهن ۾ برطانوي سرمائيڪاري اچي سگهي ٿي جڏهن ته سياحتي شعبي ۾ ترقي نظر اچي رهي آهي.

هن چيو ته ڪراچي اهو شهر آهي جتي برطانيه ۽ پاڪستان جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا آهن. اميد آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سرمائيڪاري ۾ اضافي جو تسلسل جاري رهندو

برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ  وڌيڪ چيو ته پاڪستان معيشت ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. ايندڙ مهينن ۾ پاڪستان جي معيشت کي بهتري طرف ڏسي رهيا آهيون. پاڪستان ۾ 200 برطانوي ڪمپنين جي سرمائيڪاري ڪيل آهي. اهڙين ڪمپنين جي خدمتن جي نتيجي ۾ ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملي رهيا آهن. بيليون نه صرف پاڪستان جي خدمت ڪري رهيو آهي پر پاڪستان جي معيشت ۾ بيليون جهڙي برطانوي ڪمپنيون بهترين ڪردار ادا ڪري رهيون آهن برطانيه ۾ 1.6 ملين پاڪستاني رهندا آهن جڏهن ته پاڪستان ۾ هڪ لک برطانوي رهائش پذير آهن.

تقريب کي خطاب ڪندي بيليون پاڪستان لميٽيڊ جي سي اي او فرحان هارون چيو ته بيليون پاڪستان ۾ 12 ملين ڊالر جي سرمائيڪاري ڪري رهيو آهي جن ۾ پيناڊول جي ان هائوس پروڊڪشن تي 10 ملين ڊالر ۽ سي اي سي تي 2 ملين ڊالر جي سرمائيڪاري شامل آهي. نئين سرمائيڪاري سان پاڪستان ۾ پيناڊول ٽيبليٽس جي سالياني پيداوار 6 ارب ٽيبليٽس مان وڌي 8 ارب ٽيبليٽس ٿي ويندي. بيليون پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ پيناڊول ٽيبليٽ وچ اوڀر ۽ آفريقا کي به برآمد ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔