ايراني فلمن جو سينيئر فلمساز خنجرن جي حملي ۾ زال سميت قتل

تهران: ايراني فلم انڊسٽريءَ جي ناليواري فلمساز دريوس مهر جويي ۽ سندس گهرواري کي هٿياربندن گهر اندر گهڙي خنجرن سان حملو ڪري قتل ڪري ڇڏيو، 83 سالن جو فلمساز زال سميت گهر اندر موجود هو ته هٿياربندن کيس بيدردي سان ماري ڇڏيو

داريوش مهرجويي جو ايراني سينما گهرن جي بانين ۾ شمار ٿيندو هو، سندس 1969 ۾ رليز ٿيندڙ فلم “دي ڪائو” تمام اهم فلم سمجهي وڃي ٿي، 1980 کان 1985 جي وچ ڌاري فرانس ۾ رهيو

جتي هن مشهور دستاويزي فلم “جرني ٽو ڊي لينڊ آف ريم بان” ۾ ڪم ڪيو. شروعاتي جاچ موجب فلمساز ۽ سندس گهرواري جي قتل جي ڪارڻ جو پتو نه پئجي سگهيو آهي. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔