اليڪشن ڪميشن ملڪي ۽ پرڏيهي ميڊيا لاءِ ضابطه اخلاق جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ايندڙ چونڊن جي سلسلي ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي ميڊيا جي مبصرين لاءِ ضابطه اخلاق جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پرڏيهي ميڊيا ۽ مبصرين جي لاءِ 31 نڪتن تي ٻڌل ضابطه اخلاق جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عالمي ميڊيا ۽ مبصرين پنهنجي ويزا درخواست وقت تي ڏين. ويزا جي مدي کان وڌيڪ پاڪسان ۾ قيام نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان جي خودمختاري، بنيادي حقن، آئين، قانون، اليڪشن ڪميشن ۽ چونڊ آفيشلز جو احترام ڪندا.

جاري ڪيل ضابطه اخلاق موجب مبصرين ملڪي قانون ۽ اليڪشن ڪميشن جي اختيارن جي پاسداري ڪندا ۽ مبصرين ڪنهن به پارٽي يا اميدوار جي حمايت کي ظاهر ڪرڻ جو عمل نه ڪندا.

ميڊيا ملڪي سالميت ۽ نظرئي خلاف ڪوبه مواد جاري نه ڪندو. جڏهن ته قومي ادارن ۽ عدليه جي آزادي جو خيال رکيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن موجب چونڊ شيڊول سان ڪاميابي جي نوٽيفڪيشن تائين ضابطه اخلاق جي پابندي ڪئي ويندي ۽ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي اجازت نامو واپس ورتو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔