عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جون ضمانتون ضبط ڪرائينداسين: احسن اقبال

نارووال: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جون ضمانتون ضبط ڪرائينداسين.

اڳوڻي منصوبه بندي واري  وزير ۽ ليگي اڳواڻ نارووال ۾ ورڪرز ڪنوينشن ۾ خطاب ڪندي چيو ته 9 مئي تي جيڪو پي ٽي آءِ فوج تي حملو ڪيو، مان پاڪستاني قوم کي سلام پيش ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن انهي سازش کي ناڪام بنائي ايٽمي پروگرام کي بچائي ورتو.

هن چيو ته ايندڙ چونڊن جو ميدان جڏهن سجندو تڏهن اسان پي ٽي آءِ جون ضمانتون ضبط ڪرائينداسين. هي پاڪستان جي رياست   تان وڏو بت هٽائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته قوم اهڙن بتن کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي. اسان کي سڀني کان پهريان پاڪستان آهي. پاڪستان آهي ته اسين آهيون، اسان وزيراعظم بڻجون يا نه بڻجون، پاڪستان هميشه رهندو.

فلسطين جي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اڄ هر مسلمان جو دل ڏکي آهي. اسان روشنين ۾ امن سڪون سان ويٺل آهيون پر غزه ۾ اسان جا فلسطيني ڀائر ۽ ڀبنرون ڪربلا ۾ ويٺل آهن. انهن جو پاڻي، بجلي بند ٿي چڪو آهي، گهر تباهه ٿي چڪا آهن، اسرائيل طرفان بمباري جو سلسلو جاري آهي.

احسن اقبال وڌيڪ چيو ته هي وقت امت مسلمه جو امتحان آهي. هن چيو ته هڪ آمريڪي سينيٽر چيو آهي ته اها مذهب جي جنگ آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته مسلمانن جي خلاف جنگ آهي. آمريڪا ۾ هڪ اهڙي لابي موجود آهي جيڪا اسلام دشمني ۾ انڌي ٿي چڪي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔