ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان وڌي وئي، شماريات کاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد: ملڪ ۾ جاري مهانگائي جا  وار رڪجي نه سگهيا. وڌندڙ مهانگائي جي شرح 38.28 سيڪڙو تائين پهچي وئي، هڪ هفتي دوران 17 عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب هلندڙ هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.30 سيڪڙو جو اضافو ٿيو جنهن سبب گڏيل شرح 38.28 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ هفتي دوران ٽماٽا في ڪلو 7 روپيه مهانگا ٿيا. آنن جي في درجن قيمت ۾ 10 روپين جو اضافو ٿيو. 800 گرام لوڻ جي پيڪيٽ جي قيمت ۾ 3 روپيه، ٿوم جي في ڪلو قيمت ۾ 5 روپين جو اضافو ٿيو.

هڪ هفتي دوران ڪڪڙ، گوشت، پٽاٽا ۽ بصر جون قيمتون به وڌي ويون. هڪ هفتي دوران 17 عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ لاٿ ڏٺي وئي. کنڊ جي في ڪلو قيمت 7 روپيه گهٽ ٿي، چڻن جي دال 5 روپيه، مڱن جي دال 7 روپيه، ماش دال 8 روپيه في ڪلو سستي ٿي.

زنده ڪڪڙ جي قيمت ۾ 6 روپيه ۽ چانورن جي في ڪلو قيمت ۾ 2 روپيه گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف هلندڙ هفتي 17 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔