ورلڊ ڪپ 2023: آسٽريليا جو ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو

لکنو: آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ڏهين ميچ ۾ آسٽريليا ڏکڻ آفريقا خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ ڀارتي شهر لکهنو ۾ رتن شري اٽل بهاري واجپائي ايڪانا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو پيو وڃي. ميچ ۾  آسٽريلوي ٽيم جي قيادت پيٽ ڪمنز ۽ ڏکڻ آفريقي ٽيم جي قيادت ٽيمبا بادوما ڪري رهيا آهن.

ٽاس کان پوءِ ڳالهيون ڪندي ٽيمبا باووما چيو ته ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي. ڪوئنز جي جڳهه تبريز شمسي کي شامل ڪيو ويو آهي.

ٻنهي ٽيمن جو  هن ورلڊ ڪپ ۾ اهو ٻيون ميچ آهي. آسٽريليا کي پنهنجي پهرين ميچ ۾ ميزبان ڀارت هٿان شڪست ملي هئي. جڏهن ته ڏکڻ آفريقا پنهنجو پهريون ميچ سريلنڪا خلاف کٽي ورتو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔