نيپرا مهانگي بجلي وڪرو ڪرڻ تي ڪي اليڪٽرڪ مٿان 20 ڪروڙ روپيه ڏنڊ لڳائي ڇڏيو

اسلام آباد: نيپرا عوام کي مهانگي بجلي وڪرو ڪرڻ ثابت ٿيڻ تي ڪي اليڪٽرڪ کي ذميوار قرار ڏيندي 20 ڪروڙ روپيه ڏنڊ لڳائي ڇڏيو آهي.

نيپرا اٿارٽي طرفان ڪي اليڪٽرڪ جي نظرثاني اپيل تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي نااهلي جو بار ڪراچي جي عوام مٿان منتقل نٿا ڪري سگهون

فيصلي موجب ڪي اليڪٽرڪ سستي ۽ بهتر ڪارڪردگي وارن پاور پلانٽس هلائڻ ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪئي. ناقص ڪارڪردگي وارن پاور پلانٽس سان مهانگي بجلي پيدا ڪئي وئي جنهن سبب ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سبب به بڻيو.

نيپرا مهانگي بجلي وڪرو ڪرڻ جي معاملي تي ڪي اليڪٽرڪ بابت سيپٽمبر 2021 ۽ مئي 2022 جي فيصلن کي برقرار رکيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔