توشه خانه ۽ 190 ملين پائونڊ ڪيس: بشريٰ بي بي جي گرفتاري واري نقطي تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: احتساب عدالت توشه خانه ۽ 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهر واري بشريٰ بي بي جي گرفتاري جي نقطي تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير بشريٰ بي بي  خلاف توشه خانه ۽ 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر مظفر عباسي، وڪيل صفائي ۽ پي ٽي آءِ جا وڪيل به عدالت ۾ پيش ٿيا.

وڪيل لطيف کوسي گرفتاري بابت اعليٰ عدليه جا فيصلا احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. لطيف کوسي چيو ته جيئن اعليٰ عدليه فيصلا ڪيا،  اهڙا ئي فيصلا اوهان کان به چاهيان ٿو

پنهنجي دليلن ۾ نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نيب قانون ۾ اهڙي ڪابه شق موجود نه آهي. مظفر عباسي گرفتاري بابت آصف علي زرداري ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته ڪٿي به ناهي لکيل ته جوابدار کي گرفتاري جي حوالي سان آگاهه ڪيو وڃي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جنهن جو حوالو وڪيل لطيف  کوسي ڏنو ان کي منهنجي عدالتي حوالي غلط قرار ڏنو آهي. ان تي لطيف کوسي چيو ته گرفتاري  تي نيب کي لڪ لڪوٽي نه کيڏڻ گهرجي جيڪڏهن گرفتاري جي ضرورت نه آهي ته بشريٰ بي بي جي ضمانت  پڪي ڪري ڇڏيو. اڳوڻي خاتون اول ته هر قانوني حق  استعمال ڪري سگهي ٿي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته  گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست خدشي جو اظهار آهي ان ڪري اڄ به چئي رهيا آهيون ته بشريٰ بي بي جي گرفتاري جي ضرورت نه آهي.

احتساب عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ گرفتاري کان اڳ بشريٰ بي بي کي آگاهه ڪرڻ ۽ ان جي گرفتاري واري نقطي تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔