سنڌ جي گورنر سان ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون

ڪراچي: سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ملاقات ڪئي  آهي جنهن ۾ اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات ۾ شهري انفرااسٽرڪچر جي بحالي، وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت تي ڳالهيون پڻ ڪيون ويون.

سنڌ جي گورنر ڪراچي جي ميئر سان گڏ اميد جي گهنٽي تي سائلين جا مسئلا معلوم ڪيا، ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي سنڌ جي گورنر کان فيس ۽ ڊگري جو مسئلو حل ڪرڻ جي درخواست ڪئي. ڪامران ٽيسوري ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي معاملي جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي.

ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ڳالهيون ڪندي چيو ته ڪراچي شهر جي انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ گڏيل قدمن جي ضرورت آهي. سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان شهرين کي سهوليتن جي فراهمي ممڪن بنائي سگهجي ٿي.

ڪامران ٽيسوري وڌيڪ چيو ته روڊن جي تعمير ۽ پارڪ جي بحالي تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي. ان موقعي تي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ جا عوامي، فلاح ۽ بهبود جا قدم مثالي آهن. اهڙن قدمن سان عام ماڻهو کي تمام گهڻو فائدو ملي رهيو آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔